امير حيدر ڪاظمي

امير حيدر ڪاظمي: ڪراچيءَ ۾ سياستدان جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو. قيام پاڪستان کان پوءِ لڏي ڪراچيءَ ۾ آيو. هي ڀارت جي هڪ ڳوٺ علي نگر ۾ ڄائو. شاگرديءَ واري دؤر کان ئي مختلف تحريڪن ۾ حصو وٺندو هو. جڏهن جبلپور (ڀارت) ۾ هندو مسلم فساد ٿيا ته ٻين شاگردن سان گڏجي احتجاجي جلوس ڪڍيائين، نتيجي ۾ کيس تعليمي ادارن مان نيڪالي ڏني وئي. هن باقاعدي عملي سياست ۾ 1972ع ۾ پير پاتو. پهرين ولي خان جي ”نئشنل عوامي پارٽيءَ“ ۾ شامل ٿيو. بعد ۾ 1976ع ۾ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪيائين. ذوالفقار علي ڀٽي صاحب هن جي قابليت کي ڏسندي کيس سنڌ جو سيڪريٽري اطلاعات مقرر ڪيو. 1988ع جي چونڊن ۾، ڪراچيءَ جي تڪ اين. اي 184 تان پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو. ڪجهه وقت لاءِ وفاقي وزير تعليم ۽ وزير صحت به ٿي رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو